وسيم راجا

وسيم راجا

وسيم راجا

وسيم راجا: سنڌي فلمن جو مشھور اداڪار وسيم راجا جو اصل نالو غلام نبي ولد محمد عثمان ٻارڻ هو. 25 آگسٽ 1947ع تي ڳوٺ حاجي ابراهيم ٻارڻ ۾ جنم ورتو. هن فلمن ۾ ڪم جي شروعات ”چانڊوڪيءَ “ فلم ۾ هڪ مختصر ڪردار سان ڪئي. فلم ”گهونگهٽ لاهي ڪنوار“ ۾ سندس مرڪزي ڪردار ذريعي کيس مقبوليت ملي. هن”پنوعاقل“ سميت 21 سنڌي فلمن ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو، جن ۾؛ بادل، سورٺ، پيار ڪيو سينگار، بادل ۽ برسات، سنڌڙي تان صدقي، ڌرتي دل وارن جي، ڌرتي ۽ آڪاش، حاضر سائين، زندگي يا موت، جانو ڌاڙيل، حيدر خان، حاڪم خان، سنڌ جا سپوت ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. ان کان علاوه هن اردو ۽ پنجابي فلمن ۾ به ڪم ڪيو. جهڙوڪ: انصاف اور قانون، مستي خان، پئسه بولتي هي ۽ ٻيون شامل آهن. پي ٽي وي جي ڪجهه ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. سندس پهريون ڊرامو مائو(Mau) هو. 18 جون 2018ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ وسيم راجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.25  عيسوي

سنڌي فلمن جو مشھور اداڪار وسيم راجا جو اصل نالو غلام نبي ولد محمد عثمان ٻارڻ هو. 25 آگسٽ 1947ع تي ڳوٺ حاجي ابراهيم ٻارڻ ۾ جنم ورتو.


2018.06.18  عيسوي

وسيم راجا 18 جون 2018ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رانڪ ميان قبول محمد ڪلهوڙو
ابڙو اڙٻنگ
راجڪمار هيراڻي
برهمچاري پرڀوداس
ببو
پلي عزيز
بلاول فقير نائچ
استاد انور علي سانگي
جواهر لال گنگاراماڻي
عبدالسميع ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون